راءِ سنگهه

راءِ سنگهه: راءِ سنگهه، ترخان دؤر ۾ ڳاهن جي پرڳڻي جي جاگيردار ۽ غازي بيگ ترخان جي فوجدار ماڻڪ جو پٽ هو. انتهائي دلير ۽ جنگجو هو. وٽس هڪ سئو سوار هئا. هڪ دفعي ٽلٽيءَ کان ڏاهرين تي ڪاهه ڪري کين شڪست ڏني هئائين. مرزا غازي خان بيگ ترخان ٺٽي جي حڪومت خسرو بيگ کان واپس وٺي سائين ڏني کي ڏياري ۽ نصرپور جي راڄڌانيءَ جي حڪومت قاسم خان ارغون جي پٽن کان ڦيرائي پنهنجي خدمتگار شهباز خان جي حوالي ڪيائين، ان وقت راءِ سنگهه جي والد ماڻڪ کي پاڻ وٽ فوجدار ڪري رکيائين. ماڻڪ، سائين ڏني ۽ شهباز کي ساڻ ڪري وڏو لشڪر وٺي نصرپور پهتو. اتان جو قلعو قاسم خان ارغون جي پٽن کان خالي ڪرائي شهباز خان جي حوالي ڪيائين. خسرو بيگ کي حاڪميت هٿان وڃڻ جو گهڻو ڏک ٿيو، جنهن قاسم خان ارغون جي پٽن سان ملي سازش ڪئي ته هنن جي طاقت ماڻڪ آهي، ان کي ڪنهن نموني ختم ڪري پوءِ ٻين سان منهن ڏجي. پوءِ قاسم خان ارغون جي پٽ فتحيءَ، ماڻڪ کي ختم ڪرڻ جو ذمو کنيو. جنهن ماڻڪ کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي دوکي سان قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ فتحيءَ جو وڏو ڀاءُ جندائي وڏو لشڪر ساڻ ڪري، هاٿيءَ تي چڙهي ماڻڪ جي قلعي تي ڪاهي ويو، جتي سائين ڏني ۽ شهباز خان قلعي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا. جندائيءَ جو لشڪر اڃا اتي ئي هو ته ماڻڪ جو پٽ راءِ سنگهه پنهنجي پيءُ جو لشڪر ساڻ ڪري جندائيءَ سان جنگ لاءِ پهتو. ٻنهيءَ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ جندائيءَ جي ڀيڻويي سميت ڪيترا ماڻهو مارجي ويا ۽ پاڻ گهڻو نقصان ڪرائي، هاٿيِءَ تان لهي ڀڄي ويو. راءِ سنگهه، هاٿي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري شهباز خان جي حوالي ڪيو.


لفظ راءِ سنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو